سنڌ جا سمورا ادارا سڌري ويا جن جي ايمانداري جا مثال بين الاقوامي سطح تي ملڻ لڳا، باقي تعليم کاتي جا استاد بچيا جيڪي گوسٽ آهن جن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ وڏا ڪٽڪ ۽ لشڪر مقرر ڪيا ويا آهن جن ۾:
1.بايوميٽرڪ اسسٽنٽس
2.بايوميٽرڪ آفيسرس
3.چيف مانيٽرنگ آفيسر
انکانسواءِ تعليم کاتي جا آفيسر جن ۾
1.تعلقه ايجوڪيشن آفيسر صاحب
2. اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر صاحب
3.ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر صاحب
4.ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر صاحب
5.اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن صاحب
6.ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن صاحب
7.ڊائريڪٽر ايجوڪيشن صاحب
تنهن کانسواءِ وقت بوقت روينيو جي ملازمن جا دورا ته ڪڏهن وري تعليمي ادارا لوڪل گورنمينٽ جي نگراني هيٺ يا ڪورٽ سڳوري جي ججز صاحبان جون باوردي پوليس هٿياربند محافظن سان اسڪولن جا دورا نيٺ استاد کي گرفت ۾ ڪري سنڌ جي ڏيڍ ٻه لک استادن جي اسڪولن ۾ حاضري يقيني بڻائي وئي پر وري به ڪجھ مهينا اڳ ڪورٽ ۾ تعليم کاتي جي جمع ڪرايل رپورٽ مطابق ته لڳ ڀڳ 5 هزار استاد گوسڙو آهن.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايڏي فوج جي نگراني باوجود استادن جي نگراني ڪورٽ سڳوريءَ حوالي ٿئي پئي ته ايترا واندا ماڻهو رکڻ جو فائدو ڪهڙو؟ مطلب ته اهي سمورا نا اهل آهن انهن کي فارغ ڪيو وڃي اجائي پگهارون پيا کڻن.
جڏهن مجموعي طور سمورن شين جو جائزو ٿو وٺجي ته کوڙ سارا سوال ٿا اڀرن:
سنڌ جي تعليم آخر ڇو نه ٿي سڌري ۽ سنڌ جا ادارا تباھ ڇو آهن؟
جڏهن تعلقي ايجوڪيشن آفيسر هجي يا ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر يا وري ڊائريڪٽر سطح جو آفيسر هجي سمورن جي مقرري MPAs يا MNAs ۽ منسٽرس جي NOC تي مشروط هجي يا وري سيڪريٽريٽ ۾ ڏيتي ليتي ذريعي ڪئي وڃي ته اتي ڪهڙي سوڌر ايندي؟
ٻيو ته ٺهيو جيڪي ڪرپشن جا ماهر ۽ دولت هڙپڻ جا اجگر هجن انهن تي وري DDOs جي برسات ٿيندي آهي. ان جو به ڏوھ استاد تي؟
جتي کنڊر بڻيل درسگاهن جي مرمت ڪندڙ ٺيڪيدار کي ٽينڊر نيلام ٿي ملن ۽ انهن جي جانچ پڙتال جو الڪو ڪنهن کي نه هجي اتي استاد درخواستون آفيسن ۾ روليندو وتي ته ڪو رسيو ڪرڻ وارو نه هجي ۽ استاد شاگردن سان گڏجي بلڊنگ جي مرمت لاءِ احتجاج ڪن پر ڪو ٻڌڻ وارو نه هجي، اهو ڏوھ به استاد تي؟
جتي استاد جي اسڪولن ۾ مقرري جو ڪو به معيار ۽ پاليسي نه هجي، جتي سئو کان مٿي سراسري آهي ته اتي فقط هڪ استاد ۽ ڪٿي 50 شاگردن آهن ته اتي چار چار استاد مقرر هجن به ڏوهي استاد؟
تعليمي ادارن ۾ استاد جي حاضري کي يقيني بڻائڻ پٺيان اصل حقيقتون ئي ٻيون نظر پيون اچن:
اسڪولن جي فرنيچر لاءِ کربين روپيا ملن ٿا اها رقم اتان ئي ڪامورن MPAs، MNAs وزيرن مشيرن وچ ۾ ونڊ ورهاست ڪئي ٿي وڃي ان تي نه ڪا ڪميشن ٿي جڙي ۽ نه ئي ڪا رپورٽ شايع ٿيندي ۽ نه ئي ڪنهن ڪرپٽ ڪاموري کي سزا ملندي؟
ڇو ته جتي پنج هزار روپين واري ڊيسڪ اسڪولن لاءِ سرڪار طرفان 29 هزارن ۾ خريد ڪئي ٿي وڃي ۽ ڪورٽ سڳوري ان رقم واري ٽينڊر کي درست قرار ڏئي ته پوءِ به ڏوهي استاد هوندو!
استاد کي سالياني SMC فنڊ ۾ 12 هزار ملن ٿا جنهن رقم تي سرڪار واري هڪ ڊيسڪ به خريد نه ٿي سگهندي ان SMC واري مليل رقم جي جانچ لاءِ به پنج پنج ڪميٽيون جڙنديون آهن اهڙي سوالنامن کانپوءِ استادن جي ڪثير تعداد SMC وٺڻ ڇڏي ڏني.
سنڌ جي سمورن درسگاهن ۾ ڏسو ڪهڙي MPAs، MNAs وزيرن مشيرن يا ڪامورن جو اولاد تعليم پرائيندو هجي جنهن لاءِ هنن کي اونو هجي؟
هي ته سڀ بجيٽون چوري ڪري پنهنجي اولاد تعليم پرائڻ لاءِ ولايت ٿا موڪلين ان صورت ۾ هنن کي اهنج ئي ڪو ٻيو هوندو۔
تعليم کاتي جي نه برابر ملندڙ بجيٽ کي به ڄور لڳل آهن، جيڪي غريب عوام جون بجيٽون هڙپ ڪن تن کي ڀلا هن قوم جي معمارن لاءِ د ۾ ڪهڙو درد هوندو؟
هن قوم جي غريب ۽ بي پهچ طبقي کي ملندڙ تعليم تي به ڪي فرد ارها آهن جيڪي استادن کي ھيسائي حراسان ڪري ذهني مفلوج پيا بڻائين ڇوته ذهني طور پريشان استاد ڀلا ڪهڙي معياري تعليم مهيا ڪري سگهي ٿو.
جنهن به کاتي ۾ ڏسو ملازمن جو گوسڙو طبقو موجود آهي، آفيسن ۾ صبح 11 وڳي کانپوءِ مرضي سان آفيشل اسٽاف پهچي ٿو پر وري به آفيسرن جي ڪابه خبر چار نه هوندي آهي، گزيٽيڊ آفيسرن جي مرضي ئي سندن قانون آهي.
باقي واويلا فقط استاد طبقي خلاف ئي ڇو؟
هن معاشري ۾ ڏوهي وري به پڙهائيندڙ استاد آهي جيڪو پنهنجي سچائي جي سزا ڀوڳيندو آهي.
جڌهن ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ٿيل تازي سروي رپورٽ ۾ تعليم کاتي ڪرپشن جي چٽاڀيٽي ۾ سٺا نمبر کڻي اول پوزيشن ماڻي ورتي، ان جي تهمت به استاد تي هڻي پنهنجي جان آجي ڪريو.
هن سال IBA تحت مقرر ٿيل استادن کي گذريل ڏهن مهينن کان پگهار نه ملي اهي هن مهانگائي دوران ڪهڙي صورتحال ۾ ڊيوٽيز سرانجام پيا ڏين انهن کان ته ڪنهن ڪو پڇي ئي ڪونه پيو!
پوءِ به ڏوهي استاد۔
مون کي ته لڳي ٿو تعليم کاتي پويان هٿرادو واويلا ڪري بدنام بڻائي کاتي کي پرائيويٽ بڻائڻ لاءِ راھ هموار ڪئي پئي وڃي.
جڏهن ته SEF يعني سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن نالي پراجيڪٽ ذريعي بلين روپين جي ڪرپشن ڪئي ٿي وڃي جنهن ۾ سواءِ چند ادارن جي باقي سڀ ڪمائڻ واري ڌنڌي ۾ لڳل آهن۔
اهڙن پراجيڪٽس جا وڏا ٺيڪيدار ئي سنڌ جي سرڪاري اسڪولن پويان پيل آهن جيڪي چاهن ٿا ته تعليم کاتي جي نجڪاري ٿئي ۽ سندن وارا نيارا ٿين۔
ضروري ناهي ته منهنجي راءِ سان ڪو متفق هجي!
You must be logged in to post a comment.